حمـيـد سـنڌي

حمـيـد سـنڌي

حمـيـد سـنڌي

حمـيـد سـنڌي: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالحميد ولد محمد اسماعيل ميمڻ هو. ھن 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم نوشھري فيروز مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن ڪرڻ بعد ھن ’زرعي اقتصاديات‘ جي مضمون ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪئي. 61- 1960ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو، جنھن بعد مختلف ڪوآپريٽوِ توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ 1966ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيو. 1966ع کان 1970ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪئي. بعد ۾ ھن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (سنڌالاجي) طور خدمتون انجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليون. ملازمت دوران علمي ادبي ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪھاڻين لکڻ سان گڏ پنھنجي قائم ڪيل ’بزم روح رھاڻ‘ جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون، مشاعرا وغيره منعقد ڪندو رھيو. ادبي مخزن ’روح رھاڻ‘ جاري ڪيائين، ان سان گڏ ’مارئي‘ ۽ ’لطيف ڊائجسٽ‘ جو ايڊيٽر ۽ ’نئين زندگي‘ مخزن جو صلاحڪار به رھيو. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۽ پوءِ شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. انهيءَ پد تي 1995ع تائين رھيو. 1996ع ۾ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم؛ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ۽ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ، مالياتي ڪميٽي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رھيو. تعليمي بورڊ سکر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، پبلڪ اسڪول سکر، فيڊرل سوشل ايڪشن پروگرام اسلام آباد، سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس وغيره جي انتظامي بورڊن جو ميمبر ۽ سچل اڪيڊمي خيرپور جو چيئرمئن به رھيو. حميد سنڌيءَ کي علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ/ اعزاز به مليا جن ۾: ڪھاڻين جي مجموعي ’ويرون‘ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي ڄامشوري طرفان اوارڊ (1981ع)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ’شاهه عبداللطيف اوارڊ‘، نئشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتاب ’راڻا جي رجپوت‘ تي اوارڊ (1995ع)، پاڪستان سرڪار طرفان 23 مارچ 1990ع تي ’تمغهء امتياز‘ ۽ 28 آگسٽ 1993ع تي صدارتي ’اعزاز فضيلت‘ شامل آھن. حميد سنڌيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’سيمي‘ (ڪھاڻيون)، (2) ’اداس واديون‘ (ڪھاڻيون)، (3) ’ويرون‘ (ڪھاڻيون)، (4) ’راڻا جي رجپوت‘ (ڪھاڻيون)، (5) ’جاڳ به تنھنجي جيءَ سان‘ (ڪھاڻيون)، (6) ’سوني زنجير‘ (جاپاني لوڪ ڪھاڻين جو ترجمو)، (7) ’سوکي ڌرتي‘ (اردو ڪھاڻيون)، (8) ’آري اچن شال‘ (سچل سرمست تي تحقيقي مقالا، ترتيب) ۽ مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون (ترتيب) شامل آھن. ان کانسواءِ ھر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ مختلف سُرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رھيو، انهيءَ سلسلي ۾: (1) سر ليلان چنيــسـر، (2) سـر گهاتـو، (3) سـر ڪـاموڏ، (4) سر مارئي، (5) سر ڪاپائتي، (6) سر بلاول، (7) سر رامڪلي، (8) سر کاھوڙي، (9) سر ڪارايل، (10) سر بروو ۽ (11) سُر سارنگ وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آھن. حميد سنڌي ڪجهه عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمئن به رھيو. ’روح رھاڻ‘ مخزن جاري ڪرڻ کانسواءِ ’بزم روح رھاڻ‘ جون محفلون منعقد ڪندو رهيو. 3 جنوري 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ نوشھري فيروز جي ميان در سلطان قبرستان ۾ آرامي ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.10.12  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالحميد ولد محمد اسماعيل ميمڻ هو. ھن 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو


2020.01.03  عيسوي

حمـيـد سـنڌي 3 جنوري 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ نوشھري فيروز جي ميان در سلطان قبرستان ۾ آرامي ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حشو ڪيولراماڻي
سنڌو پياسي
جوڻيجو عبدالقادر
عبدالرزاق قريشي
شير مهراڻي ڊاڪٽر
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
صابري عبدالغفار مولانا
آسانند مامتورا
امر جماڻي ڏيپلائي
الياس سيتا پوري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون